راهب فقير

راهب فقير: ٽنڊي الھيار سان تعلق رکندڙ درويش بزرگ راهب فقير جي مزار مارڪيٽ کان راهب پاڙي ڏانھن ويندڙمُکيه گهٽيءَ جي مھڙ وٽ واقع آهي. صوفي اولياء حضرت راهب جي صوفياڻي شاعري ۽ سندس فقير مخصوص راتين جو (خاص ڪري جمعي جي رات) ڳائيندا رهندا هئا. سندس مريد ٿرپارڪر، ڍوري ناري، سانگهڙ ۽ بدين ۾ خاص طرح پکڙيل هئا. سندس ڪجهه شاعري محققن شاهه لطيف، سچل، سامي، روحل ۽ ٻين صوفي شاعرن سان منسوب ڪئي اهي، جنھن تي تحقيق جي ضرورت آهي. سندس ڪلام جو هڪ نمونو (سرائيڪي/سنڌي جو ميلاپ) هيٺين ريت آهي:
تيرا مڪان مولا، هادي هر جاءِ وسين ٿو تون ئي تون،
چلو ته آسمان ويکون، آگا ائين پسون،
آسمان دي مثل تاري، تارن جو چنڊ به تون ئي تون،
چلو ته دريا ويکون، آگا ائين پسون،
دريا دي مثل لھرين، لھرن جو وير به تون ئي تون،
چلو ته ڪشتي ويکون، آگا ائين پسون،
ڪشتي دي مثل ’راهب‘، راهب جو رب به تون ئي تون،
تيرا مڪان مولا، سائين هر جاءِ وسين ٿو تون ئي تون،


لفظ راهب فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو